Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:32 - Muslim Sindhi Bible

32 زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 ۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:32
21 Iomraidhean Croise  

جنهن زمين تي تو پنهنجي ڀاءُ جو رت وهايو آهي سا تو کي رد ڪندي.


قهات جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: عمينداب، قورح، اسير،


ولد تحت ولد اسير ولد ابي‌آصف ولد قورح


تڏهن زمين ڦاٽي پيئي ۽ انهن ماڻهن، يعني داتن ۽ ابيرام کي سندن خاندانن سميت ڳهي ويئي.


پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“


اي قادرِمطلق خداوند! تنهنجو گھر ڪيڏو نہ دلڪش آهي!


اي خداوند! تون اڳي پنهنجي ملڪ تي مهربان رهيو آهين. هائو، تو بني اسرائيل کي خوشحالي موٽائي ڏني هئي.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


اوهان جي ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن مان هر ڪو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي لوبان وجھي ۽ پوءِ اهو خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. تون ۽ هارون بہ ائين ئي ڪريو.“


پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“


هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي.


اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا.


جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.


جڏهن باهہ انهيءَ ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽولو مري ويو، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن ٻنهي کي قورح سميت ڳهي ويئي. سو اهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان بڻيا.


پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.


”اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو جيڪي قورح جي ٽولي ۾ گڏ ٿي خداوند جي خلاف ٿيا هئا، بلڪ هو پنهنجي ئي گناهہ جي ڪري مري ويو. هن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو.


”اوهين بني قهات جي نسل واري قبيلي کي لاوين منجھان برباد ٿيڻ نہ ڏجو،


ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.


پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan