اضهار جي پٽ قورح، جيڪو قهات جو پوٽو ۽ لاويءَ جو پڙپوٽو هو، تنهن هڪ دفعي موسيٰ جي خلاف بغاوت ڪئي. روبن قبيلي جا ٽي ٻيا شخص هر هڪ داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ هئا ۽ اون ولد پلت بہ ساڻس انهيءَ بغاوت ۾ شامل ٿيا.
هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“