Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:19
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.


صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“


پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو.


تڏهن موسيٰ چين تہ ”هي آهي اهو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوو اوهان تي ظاهر ٿئي.“


پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀي ۾ هيٺ لٿو. هو خيمي جي در تي اچي بيٺو ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين. جڏهن هو ٻئي اڳتي وڌيا تہ


پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.


سو هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو لوبان‌دان کنيو، انهيءَ تي ٽانڊا وڌا ۽ انهن مٿان لوبان وجھي موسيٰ ۽ هارون سان گڏ خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ اچي بيٺو.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


جڏهن اهي موسيٰ ۽ هارون جي خلاف گڏ ٿيا، تڏهن خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن جو نگاهہ ڪيائون تہ ڇا ڏسن تہ ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو آهي!


جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan