Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هارون ڪير آهي، جنهن جي خلاف اوهين شڪايت ٿا ڪريو؟ حقيقت ۾ تون ۽ تنهنجو ٽولو خداوند جي ئي خلاف بغاوت ٿا ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:11
15 Iomraidhean Croise  

بني قورح ۽ بني مراريءَ جي اولاد مان اهي ٽولا دربانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا.


ان بعد خيمي‌گاهہ ۾ ڪن ماڻهن موسيٰ سان ڏاڍو حسد ڪيو، ۽ هارون، جيڪو خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص ٿيل هو، تنهن سان پڻ حسد ڪيائون.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“


ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.


پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گھرايو. پر هنن چيو تہ ”اسين ڪونہ اينداسين.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“


جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“


تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي بہ تو کي چون ٿا سو تون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هنن تو کي نہ، بلڪ مون کي رد ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ رهان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan