Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اي قورح! هن تو کي ۽ تنهنجي سڀني لاوي ڀائرن کي چونڊي ڌار ڪيو آهي ۽ هاڻي وري اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجھو!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:10
11 Iomraidhean Croise  

تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


”لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن.


شاگردن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.


مون تنهنجي ڪليسيا ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي.


ميڪاہ انهيءَ لاويءَ کي بطور ڪاهن مقرر ڪيو ۽ هو ميڪاہ جي گھر ۾ رهڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan