ڳاڻاٽو 15:9 - Muslim Sindhi Bible9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري Faic an caibideilSindhi Bible9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري. Faic an caibideil |
نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.