Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 15:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هو اوتڻ واري قربانيءَ طور هڪ ليٽر مئي تيار ڪري ۽ اها هر هڪ گھيٽي پٺيان ساڙڻ واري قربانيءَ يا ٻي قربانيءَ سان گڏ کڻي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 سو سوختني قربانيءَ يا ٻيءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهيٽي جي پٺيان، هڪڙي هين جو چوٿون حصو مئي جو تون پيئڻ واري قربانيءَ جي لاءِ تيار ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 15:5
18 Iomraidhean Croise  

جيڪو ڪم ڪاهنن کي ڪرڻو هو سو تمام گھڻو هو، ڇاڪاڻ تہ کين ساڙڻ واريون قربانيون ڪرڻيون هيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ساڙڻي هئي ۽ ساڙڻ وارين قربانين سان گڏوگڏ پيش ٿيل اوتڻ وارين قربانين کي بہ پئٽڻو هو. سو خداوند جي گھر جي خدمت نئين سر قائم ڪئي ويئي.


انهيءَ رقم مان ڍڳا، گھٽا، گھيٽا ۽ اناج جي قربانين سان گڏ اوتڻ وارين قربانين جو سامان خريد ڪج ۽ اُهي يروشلم ۾ کڻي وڃي پنهنجي خدا جي گھر جي قربان‌گاهہ تي قربان ڪج.


آءٌ تہ اوتڻ وارو نذرانو کڻي خداوند آڏو پيش ڪندس، ۽ سندس شڪرانو بجا آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي جان بچائي آهي.


پهرئين گھيٽي سان گڏ هڪ ڪلوگرام ميدو ڏين، جنهن ۾ هڪ ليٽر ڪُٽي ڪڍيل زيتون جو تيل مليل هجي. ان سان گڏ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.


مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بي‌عيب هجي.


انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ ڳوهيل پيش ڪجو. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي جا ساڙبي آهي. ان سان گڏ اوهين هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن سندس قرباني گھيٽي جي هجي تہ هو اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


هر هڪ وهڙي، هر هڪ گھٽي، هر هڪ گھيٽي ۽ هر هڪ ڇيلي سان اهي ايتريون ئي شيون آنديون وڃن.


گھٽي جي قرباني پيش ڪرڻ وقت ٻہ ڪلوگرام ميدو ڏيڍ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور پيش ڪجي


اوتڻ واري قربانيءَ طور مئي پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان ٻہ ٻہ ليٽر، گھٽي سان ڏيڍ ليٽر ۽ هر هڪ گھيٽي سان هڪ هڪ ليٽر مئي هجي. اها ئي ماهوار ساڙڻ واري قرباني آهي، جيڪا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پيش ڪئي وڃي.


پوءِ ڀلي اوهان جي ايمان واري خدمت جيڪا هڪ قربانيءَ مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.


پر انگورن جي ول کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو رس ڇڏي ڏيان، جيڪو معبودن ۽ انسانن کي خوش ٿو ڪري؟‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan