Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 15:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ اوهان کي منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ يادگيري رهندي ۽ اوهين منهنجي لاءِ مخصوص رهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

40 پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 15:40
10 Iomraidhean Croise  

يعني انهن سڀني تي جيڪي سندس عهد تي قائم رهن ٿا، جيڪي هن جي حڪمن تي دل وَ جان سان عمل ڪن ٿا.


بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


سو اوهين منهنجا حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو خدا هجان. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي.


ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan