Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 15:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر جيڪڏهن ڪو هڪڙو شخص بناارادي گناهہ ڪري ويهي تہ پوءِ هو هڪسالي ٻڪري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، تہ هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ يڪسالي ٻڪري پيش ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 15:27
7 Iomraidhean Croise  

بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


اُتي هو مون خداوند لاءِ ٽي بي‌عيب جانور قربانيءَ طور پيش ڪري: هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪسالي گھيٽي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو گھٽو سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ.


پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan