Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 15:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ”هاڻي جيڪڏهن حڪمن ڏيڻ جي پهرئين ڏينهن کان اوهين بني اسرائيل وارا بناارادي منهنجي سمورن حڪمن مان ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿا ڪريو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ جڏهن اوهين ڀل ڪري هي سڀ ڪم، جي خداوند موسيٰ کي فرمايا سي بجا نہ آڻيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 15:22
10 Iomraidhean Croise  

اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي،


جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي،


اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“


اوهين پيڙهي بہ پيڙهي پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان ماني پچائي مون خداوند واسطي اهو نذرانو پيش ڪندا رهجو.“


يا وري اوهان جي ايندڙ سڀني پيڙهين تائين انهن سڀني حڪمن مان جيڪي مون خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿو ڪيو وڃي،


پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan