Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 15:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سڄيءَ قوم لاءِ يعني اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو ڌاريو اچي اوهان سان گڏ رهي، تنهن جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي اهو ساڳيو ئي قانون آهي. اوهين ۽ اهي ڌاريا مون خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 15:15
17 Iomraidhean Croise  

يهودين اهو رواج قائم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ورتو تہ هو پاڻ، سندن اولاد ۽ اهي جيڪي يهودي بڻيا هئا، تن تي لازم آهي تہ هر سال اهي ٻہ ڏينهن مقرر طريقي سان ۽ مقرر وقت تي عيد ڪري ملهائيندا.


اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


اوهين ۽ اوهان جو اولاد عيد جي انهيءَ دستور تي هميشہ عمل ڪندا رهجو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“


جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“


اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن سي اهي توتارا وڄائين. اهو ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ قائم رهندو.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو جيڪو اوهان ۾ عارضي طور رهي ٿو يا وري جيڪو پيڙهين کان وٺي رهندو اچي ٿو، سو مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪري تہ اهو بہ ائين ئي ڪري جيئن اوهين ٿا ڪريو.


جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو.


سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan