سڀني مقرر عيدن ۽ وڏن ڏينهن تي اناج جي قربانيءَ طور وهڙي توڙي گھٽي سان گڏ اٺ ڪلوگرام اناج پيش ڪيو وڃي، جڏهن تہ گھيٽن سان گڏ مرضيءَ مطابق اناج ڏنو وڃي. هر اناج جي قربانيءَ سان گڏ ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪيو وڃي.
سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بيخميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بيخميري ٽڪيون.