5 تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا.
5 تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.
تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس همڪلام ٿي چيو تہ
جڏهن انهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ خداوند ئي حقيقي معبود آهي.“
دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو.
هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“
مون انهيءَ هستيءَ جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو ٻڌندي ئي آءٌ منهن ڀر زمين تي ڪري پيس ۽ مون کي گَهري ننڊ وٺي ويئي.
ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.
تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.
پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“
جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو تہ منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيو.
”اوهين هنن ماڻهن مان نڪري الڳ ٿيو تہ آءٌ هڪڙيءَ جھٽ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن هو ٻئي سجدي ۾ ڪري پيا.
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“
تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.
عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہسالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“
تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ ”اُٿي کڙو ٿيءُ. تون ڇو ائين منهن ڀر پيو آهين؟
تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ
اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي بزرگ منهن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.
سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري