Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 14:43 - Muslim Sindhi Bible

43 اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

43 ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 14:43
14 Iomraidhean Croise  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


تو اسان جي دشمنن اڳيان اسان کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، ۽ انهن اسان جو مال ملڪيت لٽيو ڦريو آهي.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


هاڻي جيئن تہ عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿرين ۾ رهن ٿا، سو سڀاڻي اوهين پوئتي موٽو ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ڏانهن هليا وڃو.“


سو نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان منجھہ ڪونهي، تنهنڪري متان پنهنجي دشمنن جي هٿان مارجي وڃو.


پر هو ضد ڪري انهيءَ جابلو علائقي ڏانهن وڃڻ لڳا، توڻي جو خداوند جي عهد واري صندوق ۽ موسيٰ ساڻن گڏ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan