Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 14:42 - Muslim Sindhi Bible

42 سو نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان منجھہ ڪونهي، تنهنڪري متان پنهنجي دشمنن جي هٿان مارجي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

42 خداوند اوهان منجهہ ڪونهي، تنهنڪري اوهين مٿي نہ وڃو، متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 14:42
9 Iomraidhean Croise  

تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


تو هن جي تلوار جي ڌار کي موڙي ڇڏيو آهي، ۽ جنگ جي وقت سندس پيرن کي ڄمڻ ڪين ڏنو اٿيئي.


اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“


پر خداوند مون کي چيو تہ ’هنن کي منع ڪر تہ اهي جنگ لاءِ چڙهائي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هنن سان گڏ نہ هوندس، تنهنڪري متان هي پنهنجن دشمنن هٿان شڪست کائين.‘


تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


اي مالڪ! بني اسرائيل جي پنهنجي دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ڀڄڻ کان پوءِ آءٌ ڇا چوان؟


پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan