Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 14:40 - Muslim Sindhi Bible

40 هو صبح جو سوير ئي اُٿي ڪنعان جي جابلو علائقي ڏانهن روانا ٿيندي چوڻ لڳا تہ ”اسين قبول ٿا ڪريون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن ضرور وينداسين، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

40 ۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 14:40
8 Iomraidhean Croise  

هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


تڏهن بلعام وراڻيو تہ ”مون کان گناهہ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان مون سان مقابلي لاءِ رستي تي بيٺا آهيو. سو هاڻي جيڪڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ توهان کي خراب ٿو لڳي تہ آءٌ موٽي ٿو وڃان.“


جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘


تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ’اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي تنهن موجب اڳتي وينداسين ۽ جنگ ڪنداسين.‘ پوءِ اوهان مان هر ڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي جابلو علائقي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو.


مون اوهان کي ائين ئي چيو، پر اوهان منهنجي ڪانہ ٻڌي. اٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ گستاخي ڪري جابلو علائقي تي چڙهائي ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan