اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ برڪت کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.
انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.