Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 14:34 - Muslim Sindhi Bible

34 انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 14:34
26 Iomraidhean Croise  

”خداوند جي واکاڻ هجي جنهن پنهنجي قوم بني اسرائيل کي پنهنجي ڪيل واعدي موجب آرام ڏنو آهي. جيڪي بہ چڱا واعدا هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڪيا هئا تن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گٿو آهي.


اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“


اهو سڀ هن پنهنجي انهيءَ ذاتي واعدي موجب ڪيو، جيڪو پنهنجي بندي ابراهيم سان ڪيو هئائين.


پنهنجي گناهن جي ٻوڏ اندر آءٌ ٻڏي رهيو آهيان. هائو، اهي اهڙي ڳري بار وانگر آهن، جنهن جي هيٺان آءٌ چيڀاٽجي رهيو آهيان.


ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟


آءٌ چاليهن سالن تائين ان پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، ۽ چيو هئم تہ ’هي اهڙا ماڻهو آهن جن جون دليون گمراهہ آهن، ۽ جيڪي منهنجي راهن تي هلڻ کان انڪاري آهن.‘


پوءِ اهو نبي سڏائيندڙ توڙي کانئس سوال پڇندڙ ٻيئي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ تہ نبي سڏائيندڙ جو گناهہ بہ اوترو ئي هوندو جيترو کانئس سوال پڇڻ واري جو.


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


جڏهن تون اهي ڏينهن پورا ڪرين، تڏهن وري پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي پئج ۽ يهوداہ وارن جي گناهن جي سزا جي نشان طور چاليهن ڏينهن تائين اتي پيو رهج. تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


اوهين پنهنجي ماسيءَ يا پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. جيڪو ائين ڪري ٿو سو پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي عزت وٺي ٿو ۽ انهيءَ جو گناهہ ٻنهي جي سر تي هوندو.


پوءِ مون اها لٺ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”مهرباني“ هو، ڄڻ تہ ان عهد کي منسوخ ڪري ڇڏيم جيڪو خداوند قومن سان ڪيو هو.


هو انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري چاليهن ڏينهن کان پوءِ فاران جي بيابان ۾ قادش شهر منجھہ موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل قوم وٽ موٽي آيا. انهن کين اتي جو سمورو حال احوال ڏنو ۽ جيڪو ميوو آندو هئائون سو کين ڏيکاريائون.


رڳو لاوي ئي مون سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪن ۽ انهن جي خطا جي سڄي ذميواري سندن تي ئي آهي. اهو هميشہ جو قانون آهي جيڪو اوهان جي اولاد سان بہ لاڳو رهندو. بني اسرائيل مان لاوين کي ڪابہ مستقل ملڪيت نہ ملندي.


سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.


۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.


انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan