32 باقي اوهان جا لاش هن ئي بيابان ۾ پيا رلندا.
32 باقي اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا.
تنهنڪري خداوند سندن خلاف قسم کڻي چيو تہ ”آءٌ کين بيابان ۾ ماري چٽ ڪري ڇڏيندس،
اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا،
انهن ۾ اهڙو هڪڙو بہ ماڻهو موجود ڪونہ هو، جنهن کي موسيٰ ۽ هارون پهرئين دفعي سينا جي بيابان ۾ شمار ڪيو هو.
اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.
سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.
تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.
اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻپٽ ۾ پيا رهيا؟