Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 14:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 14:18
26 Iomraidhean Croise  

هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


ان جي جواب ۾ اوهين چئو ٿا تہ ’خدا انهن بدڪارن جي گناهن جي سزا سندن اولاد کي ٿو ڏئي.‘ نہ، ائين نہ ٿيڻ گھرجي، بلڪ خدا سندن گناهن جي سزا کين پاڻ کي ئي ڏئي تہ خبر پوين.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ ٻاجھہ سان ڀرپور آهي.


ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، بلڪ انهن کان بہ مٿي تائين. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن کان بہ مٿي تائين ڀريل آهي.


شل خداوند کي هن جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري ياد هجي، بلڪ سندس ماءُ جون خطائون بہ ميسارجي نہ وڃن!


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ دائمي ٻاجھہ وارو آهي.


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


سو هاڻي اي منهنجا رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي عظيم قدرت ڏيکار، جيئن تو فرمايو آهي تہ


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


تنهنڪري جيئن گناهہ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي خدا جي فضل جي حڪمراني اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي ٿي بخشي.


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.


تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan