Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 13:32 - Muslim Sindhi Bible

32 هو جنهن ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل ۾ هڪڙي ڪوڙي خبر ڦهلائي ڇڏيائون. چيائون تہ ”انهيءَ ملڪ ۾ تہ اتي جي رهاڪن لاءِ ئي باهہ ٻري پيئي آهي. جيڪي ماڻهو اتي اسان ڏٺا، سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 ۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 13:32
11 Iomraidhean Croise  

ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هو.


ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستي جوانن مان هو.


ان کان سواءِ هنن انهيءَ وڻندڙ ملڪ ڪنعان کي حقير ڄاتو، ۽ پنهنجي خداوند جي ڪيل واعدي تي ڀروسو نہ ڪيائون.


هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan