Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 13:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 13:30
14 Iomraidhean Croise  

خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو.


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا تن چيو تہ ”نہ، اسان ۾ ايتري سگھہ ناهي جو انهن تي حملو ڪري سگھون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن.“


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.


انهن اڳواڻن جا نالا هي آهن: يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan