Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 13:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 13:28
12 Iomraidhean Croise  

تڏهن اشبي‌بنوب نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور فلستي جنهن جي پتل واري نيزي جي تور اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوگرام هئي ۽ هڪڙي نئين تلوار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.


اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا.


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا. انهن کي اوچيون ڀتيون ۽ دروازا هئا، جيڪي گزن سان مضبوط ٿيل هئا. انهن کان سواءِ اسان ڪيترائي اهڙا ڳوٺ بہ هٿ ڪيا جن کي ڪوٽ ڏنل نہ هئا.


عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


ڪالب ٽن عناقي قبيلن يعني سيسي، اخيمان ۽ تلمي جيڪي عناق جو اولاد هئا، تن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو.


جيئن موسيٰ واعدو ڪيو هو، تيئن حبرون شهر ڪالب کي ڏنو ويو، جنهن اتان عناق جي ٽنهي قبيلن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan