Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 13:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي موسيٰ ملڪ ڪنعان جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. موسيٰ نون جي پٽ هوشيع جو نالو بدلائي يشوع رکيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 13:16
14 Iomraidhean Croise  

موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


۽ جد قبيلي جو اڳواڻ جيو‌ايل ولد ماڪي.


”تون ڪي ماڻهو موڪلي ڪنعان جي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪر، جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان. انهيءَ ڪم لاءِ ٻارهن ئي قبيلن مان هڪ هڪ اڳواڻ موڪل.“


يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ هوشيع ولد نون،


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر.


اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو.


اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“


اهڙيءَ طرح موسيٰ نون جي پٽ يشوع سان گڏجي اچي هي گيت منڍ کان پڇاڙيءَ تائين ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو.


ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan