پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“
جڏهن موسيٰ هر هڪ گھراڻي جي سڀني ماڻهن کي پنهنجن تنبن جي درن تي روئندي ڏٺو، جنهن سبب خداوند بہ مٿن تمام گھڻو اچي ڪاوڙيو، تڏهن موسيٰ کي سندن اها ڳالهہ بري لڳي.