Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 12:6
50 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“


اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.


پوءِ يعقوب جي اک کُلي ويئي ۽ دل ۾ چيائين تہ ”سچ پچ، خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.“


هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا.


پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“


تڏهن خدا يعقوب سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو. هن کيس چيو تہ ”يعقوب! اي يعقوب!“ هن جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.


تڏهن اتي خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ ”جيڪي گھُرڻو اٿيئي سو گھُر تہ آءٌ تو کي ڏيان.“


رات جو جڏهن انسان پنهنجي بستري تي گھاٽي ننڊ ۾ ستل هوندو آهي، تڏهن خدا خوابن ۽ رويائن جي صورت ۾ ساڻس ڳالهائي ٿو.


هي رات جي انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آءٌ خوابن ۾ گم هئس، هائو، ان وقت جڏهن ماڻهن تي گَهري ننڊ غالب ٿئي ٿي.


هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“


خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تو کي معلوم هئڻ گھرجي تہ مون تو کي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو پيغمبر ٿيندو.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرت‌انگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.


تڏهن انهيءَ ئي رات رويا ۾ دانيال تي اهو راز کوليو ويو ۽ دانيال عرش عظيم واري خدا جي واکاڻ ڪندي


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، انهن ڏينهن ۾ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وري خوشحالي آڻيندس.


رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،


حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘


ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.


”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“


تڏهن زڪرياہ کي خداوند جو هڪڙو ملائڪ لوبان ٻارڻ واري قربان‌گاهہ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو.


جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي خبر پئجي ويئي تہ هن مقدس جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يحيٰ نبي هو.“


هن ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي.


پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.


مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.


خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


خداوند سيلا شهر ۾ ڳالهائڻ جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي سموئيل تي ظاهر ڪندو رهيو. سموئيل جون اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن تائين وڃي پهتيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan