Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هو چوڻ لڳا تہ خداوند رڳو موسيٰ سان ڳالهايو آهي ڇا؟ هن اسان سان بہ نہ ڳالهايو آهي ڇا؟ ۽ خداوند اهو ٻڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 12:2
22 Iomraidhean Croise  

هوءَ وري پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس. هن چيو تہ ”خداوند ٻڌو آهي تہ مون سان پيار نہ ٿو ڪيو وڃي، تنهنڪري هن مون کي هي پٽ بہ ڏنو آهي.“ سو انهيءَ جو نالو شمعون رکيائين.


جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.


هارون اهي سموريون ڳالهيون جيڪي خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي انهن کي بيان ڪيون. اتي موسيٰ ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.


انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.


تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.


پر موسيٰ وراڻيس تہ ”تو کي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي بہ نازل ڪري.“


ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.


سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو،


ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan