Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين. اُتي جا ونگا، گدرا، گندنائون، بصر ۽ ٿوم پڻ اسان کي ياد ٿا پون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي، جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين، ۽ اتي جا ونگا، ۽ گدرا، ۽ تازو ۽ سڪو بصر، ۽ ٿوم، اهي سڀ اسان کي ياد ٿا پون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:5
7 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.


کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“


رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.


هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘


پر جڏهن کان اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽڻ ڇڏي ڏنيون آهن، تڏهن کان وٺي اسين هر شيءِ جا محتاج ٿي پيا آهيون ۽ جنگ ۽ ڏڪار سان ناس پيا ٿيون.“


هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan