Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:4
16 Iomraidhean Croise  

جڏهن ماڻهن اِها شريعت ٻڌي، تڏهن هنن سڀني ڌارئي نسل وارن کان بني اسرائيل قوم ۾ فرد هئڻ وارا حق حقوق کسي ڇڏيا.


هائو، اهي بيابان ۾ کائڻ پيئڻ جون ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ائين هنن رڻ‌پٽ ۾ خدا کي ڏاڍو آزمايو.


ٻين قومن جو هڪ وڏو انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو. ان کان سواءِ گھڻيون ئي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال ساڻن گڏ هو.


”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“


هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘


تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين.


انهيءَ رات سڄيءَ قوم جا ماڻهو رڙيون ڪري روئندا رهيا.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟


اٽلندو خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ جسماني خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.


تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“


اوهان تبعيراہ، مساہ ۽ قبروت‌هتاواہ ۾ بہ خداوند کي ڪاوڙايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan