30 پوءِ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ خيميگاهہ ڏانهن موٽيا.
30 ۽ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا بزرگ منزلگاهہ ۾ اچي گڏ ٿيا.
پر موسيٰ وراڻيس تہ ”تو کي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي بہ نازل ڪري.“
تڏهن خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا جيڪي زمين کان اٽڪل هڪ ميٽر تائين پئي اُڏاميا. اهي خيميگاهہ ۾ ۽ خيميگاهہ جي چوڌاري ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڦهليا پيا هئا.
تڏهن موسيٰ اٿيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي ساڻ ڪري داتن ۽ ابيرام وٽ ويو.