Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تنهن تي نون جو پٽ يشوع جيڪو جوانيءَ کان وٺي موسيٰ جو نوڪر هو، تنهن چيو تہ ”اي منهنجا آقا موسيٰ! انهن کي منع ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 تنهن تي نون جو پٽ يشوع، جو موسيٰ جو خادم هو، ۽ چونڊيل ماڻهن مان هڪڙو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اي منهنجا سائين موسيٰ، انهن کي منع ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:28
9 Iomraidhean Croise  

موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“


تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ


خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيمي‌گاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.


تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي ٻڌايو تہ ”الداد ۽ ميداد خيمي‌گاهہ ۾ نبين جهڙيون ڳالهيون پيا ڪن.“


سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي وفات کان پوءِ موسيٰ جي خادم يشوع ولد نون سان خداوند ڳالهايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan