Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:26 - Muslim Sindhi Bible

26 مگر جيئن تہ انهن مان ٻہ ڄڻا خيمي‌گاهہ ۾ ئي رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو ۽ ٻئي جو ميداد هو. انهن جا نالا اڳواڻن جي لسٽ ۾ لکيا ويا هئا پر هو ٻاهر مقدس خيمي ڏانهن ڪونہ آيا هئا. تنهن هوندي بہ روح انهن ۾ آيو ۽ اهي بہ خيمي‌گاهہ ۾ ئي نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:26
11 Iomraidhean Croise  

خدا جو روح عزرياہ ولد عودد تي نازل ٿيو.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


پوءِ مون باروڪ کي هدايت ڪئي تہ ”جيئن تہ مون کي منع ڪئي ويئي آهي، سو آءٌ خداوند جي گھر ۾ نہ ٿو وڃي سگھان،


تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي ٻڌايو تہ ”الداد ۽ ميداد خيمي‌گاهہ ۾ نبين جهڙيون ڳالهيون پيا ڪن.“


هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.


سائول انهيءَ ڏينهن ڪجھہ ڪين ڪڇيو، ڇاڪاڻ تہ هن سمجھيو تہ دائود ڪنهن سبب ناپاڪ ٿي پيو هوندو، تنهنڪري ڪونہ آيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan