Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڇا هنن جي پورائي لاءِ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا ويندا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي سموري مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کائي هو ڍءُ ڪندا؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:22
11 Iomraidhean Croise  

تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟


تڏهن موسيٰ چيو تہ ”هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن ۽ تون چوين ٿو تہ ’آءٌ کين سڄو مهينو کائڻ لاءِ گوشت ڏيندس.‘


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


تنهن تي شاگردن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني اسين ڪٿان آڻينداسين؟“


پر عيسيٰ چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“


شاگردن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“


تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي زال بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“


تنهن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“


”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan