Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون. موسيٰ خداوند کان دعا گھري ۽ باهہ وسامي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:2
23 Iomraidhean Croise  

تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين.


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.“


تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري.


تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan