Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 جيڪڏهن تون مون سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، تہ پوءِ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جي مون تي تنهنجي رحم جي نظر آهي تہ مون کي ماري ڇڏ، تہ آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:15
12 Iomraidhean Croise  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


ايتري قدر جو منهنجي جان گھُٽجي مرڻ کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي، هائو، ڏک جي ڪري موت کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي.


هاڻي جيڪڏهن تون سندن هي گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي تنهن مان منهنجو نالو مِٽائي ڇڏ.“


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


خداوند توهان تان سزائون هٽائي ڇڏيون آهن، هن اوهان جي دشمنن جو رخ ڦيري ڇڏيو آهي. خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ اوهان ساڻ آهي، وري ڪڏهن بہ اوهين مصيبت جو منهن نہ ڏسندا.


انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan