Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:13
9 Iomraidhean Croise  

سندس خدمتگار کانئس پڇيو تہ ”هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان ڪيئن رکان؟“ پر اليشع وري بہ کيس چيو تہ ”ماڻهن کي ڏي تہ کائين، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.“


تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“


تڏهن موسيٰ چيو تہ ”هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن ۽ تون چوين ٿو تہ ’آءٌ کين سڄو مهينو کائڻ لاءِ گوشت ڏيندس.‘


ڇا هنن جي پورائي لاءِ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا ويندا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي سموري مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کائي هو ڍءُ ڪندا؟“


تنهن تي شاگردن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني اسين ڪٿان آڻينداسين؟“


شاگردن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan