Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 11:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 11:1
40 Iomraidhean Croise  

هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو.


جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.


الياس کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان خدا باهہ موڪلي ۽ سالار کي سندس پنجاهہ ماڻهن سميت ساڙي ڇڏيائين.


اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


پوءِ انهن جي ٽولي جي باقي ماڻهن ۾ خدا اهڙي تہ باهہ ڀڙڪائي جو انهيءَ ۾ هر بدڪار سڙي ويو.


جڏهن خداوند اهو ٻڌو تڏهن کيس ڏاڍو غصو اچي ويو. هو بني اسرائيل تي تپي باهہ ٿي ويو، ۽ مٿن غضبناڪ ٿي پيو،


هائو، قوم جي جوانن کي جنگ جي باهہ کائي ويئي، تنهنڪري منجھن جيڪي ڪنواريون هيون، تن جا سهرا نہ ڳايا ويا.


صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”بني اسرائيل جي سڄي قوم کي چئُہ تہ ’اوهين خداوند وٽ اچي حاضر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.‘“


خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.


خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟


جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ جي بيابان ۾ سزا ٻڌائي هئي، تيئن آءٌ خداوند خدا اوهان کي بہ ٻڌائيندس.


تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.


هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.


وبا هن جي اڳيان اڳيان ٿي هلي ۽ موت هن جي پٺيان ٿو هلي.


سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين.


هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو،


هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


”هيءَ بڇڙي قوم جيڪا منهنجي خلاف شڪايتون ڪري ٿي، تنهن کي آءٌ ڪيستائين برداشت ڪريان؟ بني اسرائيل منهنجي خلاف جيڪي شڪايتون ڪن ٿا سي سڀ مون ٻڌيون آهن.


هاڻي انهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ آءٌ بہ اوهان سان اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي مون اوهان کي گھرندي ٻڌو آهي.


هارون ڪير آهي، جنهن جي خلاف اوهين شڪايت ٿا ڪريو؟ حقيقت ۾ تون ۽ تنهنجو ٽولو خداوند جي ئي خلاف بغاوت ٿا ڪريو.“


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“


هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


هنن ڪيئن نہ واٽ تي اچي اوهان تي حملو ڪيو هو. جڏهن اوهين ٿڪل ۽ ماندا هئا، تڏهن ڪيئن نہ هنن پٺتي رهجي ويل ماڻهن کي اچي ماريو ۽ خدا جو ڪو خوف نہ ڪيائون.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


اوهان تبعيراہ، مساہ ۽ قبروت‌هتاواہ ۾ بہ خداوند کي ڪاوڙايو.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan