Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:9
34 Iomraidhean Croise  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“


يهوداہ جي لشڪر پٺ تي نهاريو تہ ڇا ڏسن تہ پٺيان ۽ اڳيان ٻنهي طرفن کان مٿن حملو ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هنن خداوند کي پڪاريو. پوءِ جيئن ئي ڪاهنن پنهنجا توتارا وڄايا


اي خداوند! جڏهن تون پنهنجي ٻاجھہ سان پنهنجي قوم کي ڇڏائين، تڏهن مون کي بہ ياد ڪج،


پوءِ جڏهن هو انهن جا تابعدار بڻجي ويا، تڏهن سندن دشمن کين ڏاڍو ستائڻ لڳا.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏکن ۾ اسان جي سار لڌي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


دنيا وارن کي ڏنل هن پيغام ۾ اوهان جي قوم بہ شامل آهي، سو ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪو اهو ڌيان سان ٻڌن، ۽ جڏهن جبلن تي جھنڊو کڙو ڪيو وڃي تہ اوڏانهن نظر ڪن. هائو، جڏهن جنگ جي نفيل وڄائي وڃي تہ انهيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


آءٌ ڪيستائين جنگ جو جوش ڏسان ۽ ڪيستائين نفيلن جا آواز ٻڌان؟


يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ ”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا، جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘ پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘


جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي، ۽ سڀ هٿيار موجود آهن. پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


اهو ڏينهن قلعي وارن ۽ اوچن مورچن وارن شهرن جي خلاف جنگ جي نفيلن ۽ نعرن جو ڏينهن هوندو.


موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادت‌گاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا.


يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“


صيدانين، عماليقين ۽ ماعونين پڻ اوهان کي ستايو ۽ اوهان مون کي مدد لاءِ پڪاريو، تڏهن ڇا مون اوهان کي هنن جي هٿن مان ڪونہ ڇڏايو؟


اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا.


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


جڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيو تڏهن هن جنگ لاءِ نفيل وڄائي بني اسرائيل کي سڏيو. پوءِ بني اسرائيل اهود جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو علائقي مان لهي هيٺ آيا.


خداوند جو روح جِدعون تي نازل ٿيو ۽ هن نفيل وڄائي ابيعزر وارن ماڻهن کي پنهنجي پٺيان وٺي هلڻ لاءِ سڏيو.


مون اوهان کي مصرين جي هٿن مان ۽ انهن سڀني ماڻهن کان ڇڏايو جيڪي اوهان کي ستائيندا هئا. مون انهن کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان هڪالي ڪڍيو ۽ اهو ملڪ اوهان کي ڏنم.


هن کين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”مون اوهان بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو ۽ اوهان کي مصرين ۽ ٻين سڀني حڪومتن جي هٿن مان ڇڏايم، جيڪي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan