Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:35 - Muslim Sindhi Bible

35 جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

35 ۽ هيئن ٿيندو هو، جو صندوق جي ڪوچ جي وقت موسيٰ چوندو هو تہ اي خداوند، اُٿ تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:35
10 Iomraidhean Croise  

سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.


سو اي خداوند! تون اُٿي کڙو ٿيءُ، متان اهي قومون غلبو حاصل ڪري وٺن، بلڪ تون انهن کي پنهنجي عدالت ۾ آڻي بيهار.


ڪنهن وقت منهنجي مدد ڪرڻ واسطي انهن بدڪارن سان منهن ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.


جڏهن بني اسرائيل جا باقي ماڻهو لشڪر‌گاهہ ۾ موٽي آيا تڏهن انهن جي اڳواڻن چيو تہ ”خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان ڇو شڪست ڏياري؟ اچو تہ خداوند جي عهد واري صندوق سيلا شهر مان هتي پاڻ وٽ کڻي اچون، انهيءَ لاءِ تہ اها اسان وٽ هجي تہ جيئن اسين پنهنجن دشمنن کان بچايا وڃون.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan