Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي حوباب ورندي ڏيئي چيس تہ ”آءٌ ڪين هلندس، بلڪ آءٌ پنهنجي وطن ويندس جتي منهنجا مٽ‌مائٽ آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 تنهن تي هن ورندي ڏيئي چيس تہ آءٌ ڪين هلندس، پر آءٌ پنهنجي وطن ويندس، جتي منهنجا مٽ مائٽ آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:30
12 Iomraidhean Croise  

خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.


خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“


اي بادشاهہ جي ڪنوار! اي منهنجي ڌيءَ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هائو، تون غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جي گھر کي وساري ڇڏ.


پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو.


پوءِ عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘


پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو.


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan