ڳاڻاٽو 10:29 - Muslim Sindhi Bible29 موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“ Faic an caibideilSindhi Bible29 ۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. Faic an caibideil |
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“