Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجن لشڪرن موجب ڪوچ ڪندا هئا، ۽ ان موجب هو روانا ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:28
9 Iomraidhean Croise  

”اها ڪير آهي، جيڪا صبح جهڙي روشن ٿي ڏسجي؟ اها چنڊ جهڙي حسين ۽ سج جهڙي تجليدار آهي، جنهن جي سونهن اسان جي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.“


۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار عينان جو پٽ احيرع هو.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو کوڙيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن مان هر ڪو پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب منزل پٽي هليو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ


پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan