Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ بني قهات پاڪ شيون کڻي اڳتي روانا ٿيا. انهن جي ٻي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي خيمو کڙو ڪري ڇڏيو ويندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:21
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


سو لاويءَ جو اولاد اهي هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھراڻي ۽ ڪٽنب جي وڏي طور پنهنجي پنهنجي نالي سان شمار ڪيو ويو. لاويءَ جي اولاد مان جيڪي ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي هيڪل ۾ خدمت تي مقرر هئا.


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


پوءِ جڏهن مقدس خيمي کي لاٿو ويو تہ بني جيرشون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.


۽ بني جد جي قبيلي جو سردار دعو‌ايل جو پٽ الياسف هو.


ان کان پوءِ پهرين ٻن دستن ۽ پوين ٻن دستن جي وچ ۾ لاوي مون خدا سان ملاقات وارو خيمو کڻي هلن. جهڙي ترتيب سان هو منزل ڪن تهڙي ئي ترتيب سان منزل کڻن. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي نشان وٽ هجي.


پر بني قهات سامان ڍڪڻ کان اڳ هڪڙي جھٽ لاءِ بہ اندر وڃي مخصوص شين کي نہ ڏسن، تہ جيئن مري نہ پون.“


پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan