سو لاويءَ جو اولاد اهي هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھراڻي ۽ ڪٽنب جي وڏي طور پنهنجي پنهنجي نالي سان شمار ڪيو ويو. لاويءَ جي اولاد مان جيڪي ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي هيڪل ۾ خدمت تي مقرر هئا.
پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو زمين تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ عظيم ۽ ڪامل خيمي جي رستي