ڳاڻاٽو 10:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ Faic an caibideil |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
ڪاهن پنهنجين مقرر جاين تي بيهي رهيا، ۽ لاوي بہ انهن جي سامهون اهي ساز وڄائي خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا، جيڪي دائود بادشاهہ خداوند جي واکاڻ ڳائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. هنن انهيءَ مهل ساز وڄائي دائود جو شڪرگذاريءَ وارو هي مقرر ڪيل گيت ڳايو تہ ”خداوند جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ ڪاهن شرنايون وڄائيندا رهيا ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيٺا رهيا.