Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:53 - Muslim Sindhi Bible

53 پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

53 پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:53
26 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح لاوي مقدس خيمي ۽ ان جي مخصوص شين جي حفاظت وارن قاعدن مطابق بني هارون يعني ڪاهنن جي نظرداريءَ هيٺ خداوند جي هيڪل جي خدمت ڪندا ٿا اچن.


باقي اسان يهوداہ وارن جي لاءِ خداوند اسان جو خدا ئي آهي ۽ اسان انهيءَ کي ڇڏي ڪين ڏنو آهي. ڪاهن اهي ئي آهن جيڪي هارون جي اولاد مان خداوند جا خدمتگار مقرر ٿيل آهن ۽ لاوي ئي انهن جا مددگار آهن.


اهي روزانو صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندا آهن ۽ لوبان ساڙيندا آهن. هو نذراني وارا روٽ بہ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٺاهي سنواري رکندا آهن ۽ سوني شمعدان ۾ رکيل ڏيئا هر روز شام جو ٻاريندا آهن. اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي قائم آهيون، پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“


ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟


موسيٰ پوءِ اهي لٺيون مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن اندر خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.


ان کان پوءِ پهرين ٻن دستن ۽ پوين ٻن دستن جي وچ ۾ لاوي مون خدا سان ملاقات وارو خيمو کڻي هلن. جهڙي ترتيب سان هو منزل ڪن تهڙي ئي ترتيب سان منزل کڻن. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي نشان وٽ هجي.


انهن جيرشوني نسل وارن کي مقدس خيمي جي پٺيان اولهہ طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.


انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي ڏاکڻي پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.


ابيخيل جو پٽ صوري‌ايل انهيءَ نسل جو سردار هو. انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي اترئين پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.


موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو.


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


موسيٰ انهيءَ اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ جانورن مان ڪڍي جيئن خداوند فرمايو هو تيئن لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي مقدس خيمي جي سنڀال ٿي ڪئي.


بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan