Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪندا تن جا نالا هي آهن: روبن قبيلي مان اليصور ولد شديور،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:5
17 Iomraidhean Croise  

دائود بادشاهہ جي دور ۾ بني اسرائيل جي قبيلن مٿان هي عملدار مقرر ٿيل هئا: روبن قبيلي جو عملدار اليعزر ولد زڪري هو، شمعون قبيلي جو عملدار سفطياہ ولد معڪہ هو،


شمعون قبيلي مان شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي،


سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو.


ان کان پوءِ بني روبن جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. شديور جو پٽ اليصور انهن جو سردار هو.


ڏاکڻي پاسي روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.


اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.


سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.


ان ڏينهن تي بني اسرائيل جا اڳواڻ، جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا، قبيلن جا سردار ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيل هئا، تن نذرانا آندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan