ڳاڻاٽو 1:4 - Muslim Sindhi Bible4 هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“ Faic an caibideilSindhi Bible4 هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي. Faic an caibideil |
خداوند جي حڪم تي عمل ڪندي موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ٽنهي لاوي گھراڻن قهات، جيرشون ۽ مراريءَ جي مردمشماري ڪئي. هنن اها مردمشماري سندن نسلن ۽ اباڻن ڪٽنبن موجب ڪئي ۽ انهن سڀني ماڻهن جو شمار ڪيائون جن جي عمر ٽيهن کان وٺي پنجاهہ سالن تائين هئي ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق هئا. مردمشماريءَ جو تفصيل هي آهي. قهات گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ست سؤ پنجاهہ هو. جيرشون گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ هو. مراري گھراڻي وارن جو تعداد ٽي هزار ٻہ سؤ هو. ٽنهي لاوي گھراڻن جو جملي تعداد اٺ هزار پنج سؤ اسي هو.