Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20-43 جيڪي مرد ويهن سالن جا يا انهيءَ کان مٿي هئا ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جا نالا سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب درج ڪيا ويا. نالن درج ڪرڻ جي شروعات يعقوب جي وڏي پٽ روبن جي قبيلي سان ڪئي ويئي. درج ڪيلن جو تعداد هن ريت آهي: روبن جي قبيلي جا ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ مرد، شمعون جي قبيلي جا اوڻهٺ هزار ٽي سؤ، جد جي قبيلي جا پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ، يهوداہ جي قبيلي جا چوهتر هزار ڇهہ سؤ، اِسڪار جي قبيلي جا چوونجاهہ هزار چار سؤ، زبولون جي قبيلي جا ستونجاهہ هزار چار سؤ، يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جا چاليهہ هزار پنج سؤ، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جا ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ، بنيامين جي قبيلي جا پنجٽيهہ هزار چار سؤ، دان جي قبيلي جا ٻاهٺ هزار ست سؤ، آشر جي قبيلي جا ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ، نفتاليءَ جي قبيلي جا ٽيونجاهہ هزار چار سؤ مرد.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:20
8 Iomraidhean Croise  

لياہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن انهيءَ جو نالو روبن رکيو، ڇوجو هن چيو تہ ”خدا منهنجو ڏک ڏٺو آهي ۽ هاڻ منهنجو مڙس مون سان پيار ڪندو.“


يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.


جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.


يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان هم‌بستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan