Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:18
7 Iomraidhean Croise  

بني دلاياہ، بني طوبياہ ۽ بني نقودا جا ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ ماڻهو جيڪي تل ملح، تل حرسا، ڪرُوب، ادان ۽ امير مان موٽي آيا هئا، سي اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو بني اسرائيل آهن.


بني دلاياہ، بني طوبياہ ۽ بني نقودا جا ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ ماڻهو جيڪي تل ملح، تل حرسا، ڪرُوب، ادان ۽ امير مان موٽي آيا هئا، سي اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو بني اسرائيل آهن.


موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


سو انهن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو.


هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan